حسين ٻيلي3

حسين ٻيلي (ڳوٺ): هيءُ ڳوٺ گهوٽڪي شهر کان 6 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. ڪنهن زماني ۾ بادشاهي سڙڪ هن ڳوٺ وٽان گذرندي هئي. انهيءَ ڪري هن ڳوٺ کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هيءُ ڳوٺ حسين خان گهوٽي جي نالي تي ٻَڌل آهي. جيڪو گهوٽا برادريءَ جي سردار گهراڻي مان هو، جنهن جي نالي تي هيءُ ڳوٺ اڄ به آباد آهي. هن ڳوٺ ۾ ڪيترائي عالم فاضل صوفي شاعر ٿي گذريا آهن، جن ۾ صوفي محمد فقير گهوٽو، ستار بخش خان گهوٽو، مولانا ولي محمد چارڻ، مولانا خير محمد چارڻ قابل ذڪر آهن. صوفي محمد فقير هڪ بهترين شاعر هيو، جنهن سنڌي، اردو، سرائيڪي، هنديءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. انهيءَ شاعريءَ جي مجموعي کي ’منظوم محمدي‘ ۽ ’عهدالست‘ جي نالي ياد ڪيو وڃي ٿو. اهي ٻئي مجموعا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل درگاهه حسين ٻيلي ۾ موجود آهن. ماضيءَ ۾ هن ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو به هو، جيڪو مولانا خير محمد ۽ مولانا ولي چارڻ جي سرپرستيءَ ۾ هلندو هو. فارسيءَ جو عالم مولانا نور محمد عادلپوري ۽ علامه محمد اسماعيل ڀٽي جهڙا عالم هن درسگاهه مان علم حاصل ڪري چڪا آهن. هاڻي هتي مدرسو ته قائم نه رهيو آهي، پر مولانا خير محمد جي اولاد مان استاد حڪيم محمد يونس مدرسي واري مسجد کي آباد رکيو اچي.
هن ڳوٺ ۾ هڪ قديمي قبرستان به آهي. جنهن ۾ وڏا وڏا عالم مدفون آهن، جن ۾ مولانا ولي محمد چارڻ، مولانا خير محمد چارڻ، مولانا حافظ محمد يونس گهوٽو، شيخ الحديث مولانا عبدالحئي گهوٽو قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو